دين محمد بوبڪائي مخدوم

دين محمد بوبڪائي، مخدوم: نامور حڪيم مخدوم دين محمد ضلعي دادوءَ جي شهر بوبڪن جو رهاڪو هو. جيد عالم حڪيم ۽ شاعر مخدوم نور محمد جو ويجهو عزيز هو. ڪن روايتن موجب مخدوم نور محمد جو ڀاءُ هو. هو فضل ۽ ڪمالات وارو فقير صفت انسان هو. کيس طب ۾ مهارت حاصل هئڻ سان گڏ ديني علمن جي چڱي واقفيت هئي. مير فتح علي خان جو خاص طبيب هو. مير فتح علي خان جو آخري وقت ۾ به علاج مخدوم دين محمد ڪيو هو. ان کانسواءِ ٻين ڪيترن ئي مير حڪمرانن جو به علاج ڪيائين. ٽالپر حڪمرانن وٽ سندس وڏي عزت هوندي هئي. حڪيم آغا ابراهيم سان به سندس دوستي هئي ۽ مير ’مائل‘ سان به گھاٽو تعلق هو. هن 1229هه/1813ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو